پهرين اپريل 2024 کان پيٽرول جي قيمت ۾ وڏي اضافي جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ معمولي گهٽتائي ٿي سگهي ٿي پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ جو وڏو سبب آمريڪي ڪمپني موگاس طرفان پنهنجي پيداوار گهٽ ڪري ڇڏي آهي. اهڙي گهٽتائي سان آمريڪي حڪومت طرفان موثر اسپرٽ جي درآمد ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. جنهن جي ڪري عالمي منڊي ۾ پيٽروليم شين جون قيمتون وڌي ويون آهن اهڙي درآمد ۾ اضافي سبب عالمي ماڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿي ويو آهي. ٻئي طرف هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي عالمي مارڪيٽ ۾ طلب ۾ گهٽتائي واقع ٿي جڏهن ته رسد وڌيڪ آهي. اهڙي سبب جي ڪري ڊيزل جي قيمت 1.30 روپيه گهٽ ٿيڻ جو امڪان آهي حڪومت صنعتي ذريعن موجب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ پهرين اپريل کان 15 اپريل تائين جي لاءِ قيمت 279.75 روپين مان وڌائي 289.69 ٿيڻ جو امڪان آهي ذريعن موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 285،49 روپين کان گهٽ ٿي 284.26 روپيه ٿيڻ جو امڪان آهي. لائٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 0.45 پئسا واڌ سان قيمت 168.83 روپيه ٿي سگهي ٿي.