وفاقي ڪابينه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڇهن ججز طرفان آءِ ايس آءِ تي دٻاءُ وجهڻ جي الزامن تي انڪوائري ڪميشن قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن جو سربراهه جسٽس تصدق حسين جيلاني هوندورپورٽ موجب وفاقي ڪابينه جو اجلاس وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ مختلف معاملا بحث هيٺ آيا اجلاس زوم تي ٿيو جنهن ۾ مختلف وزيرن آن لائن شرڪت ڪئي اجلاس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڇهن ججز طرفان مبينه طور تي آءِ ايس آءِ جي دٻاءُ وجهڻ جي الزامن تي ٻڌل خط جي جاچ جي انڪوائري ڪميشن قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. ڪابينه ڪاميٽي جي سربراهه جي نالن تي غور ڪيو ۽ جسٽس(ر) تصدق حسين جيلاني جي نالي جي منظوري ڏني وئي اجلاس ۾ بشام واقعي تي به بحث ڪيو ويو. وزيراعظم شهباز شريف ٻڌايو ته بشام واقعي جي ذميوارن کي سزا ڏني ويندي. انڪوائري ڪميٽي کي 3 ڏينهن ۾ جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.