ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد طارق قريشي جي هدايتن تي اڄ رمضان المبارڪ جي 19 هين ڏينهن به منافع خورن ۽ وڌيڪ اگھ وصول ڪندڙن خلاف ڪارروايون جاري رهيون، جنهن دوران 18 واپارين کي هڪ لک 35 هزار رپيا ڏنڊ وصول ڪيو ويو تفصيل موجب گوشت، ڀاڄين ۽ ٻين ضروري شين جي قيمتن ۾ اضافي ۽ مناسب جاءِ تي پرائس لسٽ نه لڳائڻ تي تعلقي لطيف آباد ۾ مختيار ڪار ماجد سپيو ۽ اسسٽنٽ مختيار ڪار اسد الله جوڻيجو ڪارروائي ڪري 1. تاجر کي 1 لک رپيا ڏنڊ وصول ڪيو اسسٽنٽ ڪمشنر قاسم آباد عبدالواحد چنا مختيار ڪار فرحان جتوئي سان گڏجي تعلقي قاسم آباد جي مختلف علائقن ۾ سرڪاري اگهه جي ڀڃڪڙي ڪندڙ 6 واپارين کان 20 هزار رپيا ڏنڊ وصول ڪيو. اسسٽنٽ ڪمشنر سٽي احمد مرتضيٰ مختيار ڪار مسرت بلوچ سان گڏجي مختلف بازارن جو معائنو ڪري 6 واپارين کان 10 هزار رپيا ڏنڊ وصول ڪيو اسسٽنٽ ڪمشنر تعلقي ٻهراڙيء انيس الرحمان عباسي عمران شبير کوکر سان گڏ مختلف علائقن جو دورو ڪري 5 واپارين کان 5 هزار رپيا ڏنڊ وصول ڪيو. انتظاميا پاران آپريشن جو اهو سلسلو روزاني جي بنياد تي جاري رهندو ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي.