لاهور، پنجاب اسيمبلي بچائڻ لاءِ(ن) ليگ آخري حد تائين وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور، مسلم ليگ(ن) پنجاب اسيمبلي بچائڻ لاءِ آخري حد تائين وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي پنجاب اسيمبلي بچائڻ لاءِ مسلم ليگ(ن) اتحادي پارٽي پاڪسان پيپلز پارٽي سان رابطو ڪيو آهي. پيپلز پارٽي پنجاب جي پارلياماني اڳواڻ حسن مرتضيٰ جي قيادت ۾ وفد اڄ ماڊل ٽائون پهچندو جتي آئنده جي حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي عمران خان پاران اسيمبليون ٽوڙڻ جي اعلان تي(ن) ليگ جو هنگامي اجلاس ٿيو جنهن ۾ اسيمبليون ٽوڙڻ کان روڪڻ لاءِ گورنر راجھ لڳائڻ، وڏي وزير کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ يا پوءِ بي اعتمادي رٿ آڻڻ تي غور ڪيو ويو حمزه شهباز اسيمبلي ميمبرن سان گڏ 2 ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ اجلاس ۾ سمورا آپشن استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ان موقعي تي مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ عطا تارڙ چيو ته پنجاب اسيمبلي کي بچائڻ لاءِ آخري حد تائين وينداسين، سمورا آپشن استعمال ڪيا ويندا ان حوالي سان ڳالهيون ڪندي عظميٰ بخاري پنجاب جي وڏي وزير مٿان سخت تنقيد ڪئي. هن چيو ته پنجاب اسيمبلي گجرات نه آهي، پنجاب اسيمبلي صوبي جي عوام جي اسيمبلي آهي هاڻ گجرات وارن جي غنڊه گردي نه هلندي

پنھنجي راءِ لکو