85

لاهور، پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور ۽ سينئر اداڪاره بشريٰ انصاري جي والده لاڏاڻو ڪري وئي

لاهور، پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور ۽ سينئر اداڪاره بشريٰ انصاري جي والده لاڏاڻو ڪري وئي آهي
پنهنجي والده جي وفات جي اطلاع بشريٰ انصاري پاڻ پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ ذريعي مداحن کي ڏني هن پنهنجي مرحومه والده جي تصوير انسٽاگرام تي شيئر ڪندي لکيو ته الوداع پياري امڙ، محموده خانم جهان هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي بشريٰ انصاري وڌيڪ لکيو ته منهنجي پياري ڀيڻ سنبل ۽ والده الله جي گهر ۾ گڏ آهن. هن مداحن کان ٻنهي جي مغفرت لاءِ دعا جي پڻ درخواست ڪئي ياد رهي ته بشريٰ انصاري جي والده ڪيتري ئي وقت کان بيمار هئي جنهن سبب هو اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي، جڏهن ته بشريٰ انصاري جي ڀيڻ سنبل 2021 ۾ ڪورونا وگهي فوت ٿي وئي هئي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو