راولپنڊي جي علائقي بوهڙ بازار ۾ صحت کاتي ڪارروائي ڪندي 2 هوميو اسٽورن تان هڪ ڪروڙ رپين جي اسمگل ٿيل دوائون هٿ ڪري ورتيون اختيارين موجب لال حويلي ويجهو ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ۾ صحت کاتي سان گڏ ڊريپ جو عملو به شامل هو. هٿ آيل جعلي ۽ غير رجسٽرڊ پابندي مڙهيل منشيات جي ماليت هڪ ڪروڙ 50 لک رپيا آهي. هٿ آيل منشيات ڊريپ حوالي ڪئي وئي ايف آءِ اي موجب جوابدارن جي گرفتاري لاءِ اسپيشل ريڊنگ ٽيمون پڻ جوڙي ويون آهن، ڊريپ رپورٽ جي روشني ۾ وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.