افغانستان ۾ ٻارڙا بارودي سرنگ سان کيڏي رهيا هئا ته اوچتو ڌماڪو ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڇوڪريون ۽ 4 ڇوڪرا مارجي ويا. عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب هي افسوسناڪ واقعو افغانستان جي تاريخي شهر غزني جي هڪ معمولي پاڙي ۾ پيش آيو. ڌماڪو ايترو ته خوفناڪ هو جو ٻارڙن جا عضوا سڙي ويا بارودي سرنگ سان کيڏندڙ سمورا ٻار موقعي تي ئي فوت ٿي ويا ۽ 4 کان 10 سالن جي عمر جا 9 ٻار راند ڪندي هميشه لاءِ ننڊ ۾ ستل ٿي ويا. واضح رهي ته گذريل ڏينهن به هرات ۾ اهڙي ئي هڪ حادثي ۾ هڪ ٻارڙو فوت ۽ 5 زخمي ٿي پيا هئا ياد رهي ته 1979ع کان روس جي جنگ، طالبان جي حڪومت ۽ ڏهاڪن کان هلندڙ گهرو ويڙهه دوران بارودي سرنگون وڇايون ويون هيون، جيڪي اڃا تائين انهن جي ڌماڪي يا هٿن ۾ لڳڻ سبب ٻارڙا مارجي ويا آهن. انٽرنيشنل ڪميٽي آف ريڊ ڪراس جو چوڻ آهي ته جنگ کان پوءِ به اڻ سڌريل بارودي سرنگون مسلسل جاني نقصان جو سبب بڻجنديون رهيون آهن، جن جو سڀ کان وڏو شڪار ٻار آهن ريڊ ڪراس سميت ٻين عالمي تنظيمن افغانستان ۾ بارودي سرنگن جي مڪمل خاتمي ۽ شهرين خاص ڪري ٻارن کي بارودي سرنگن جي خطرن بابت آگاهي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.