سکر :قصور جي نوجوان ناري سکر جي نوجوان سان سکر جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو

سکر جي عدالت ۾ قصور جي رھواسڻ نوجوان ناري صبا بتول ڌي محمد ارشد ملڪ سکر ڪوئنس روڊ جي رھواسي فياض علي ولد جاويد احمد کوکر سان سکر جي عدالت ۾ شادي ڪري ڇڏي آھي پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ھڪ سال اڳ فيس بڪ ذريعي دوستي ٿي جنھن بعد ھڪ ٻئي کي پسند ڪرڻ لڳاسين ھنن چيو ته سکر جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو آھي ڇوڪري جي والد محمد ارشد.ملڪ.چاچن ۽ مامن مان جان جو خطرو آھي ھنن چيو ته صبا جا والدين ڪوڙا ڪيس ڪرائڻ چاھن ٿان ھنن وزير اعظم پاڪستان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کان اپيل ڪئي ته تحفظ ڏنو وڃي ڪئي وڃي.