وفاقي سرڪار عيد کان اڳ مهانگائي جي ستايل عوام کي بجلي جو زوردار جهٽڪو ڏئي ڇڏيو آهي. حڪومت سڄي ملڪ لاءِ بجلي ٻيهر مهانگي ڪري ڇڏي آهي نيپرا بجلي 2 روپيه 75 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. بجلي هلندڙ مالي سال جي ٻئين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ مهانگي ڪئي وئي آهي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صارفين کان اضافي وصوليون اپريل، مئي ۽ جون ۾ ڪيون وينديون بجلي جي قيمت ۾ واڌ جو اعلان ڪي اليڪٽرڪ صارفين تي به هوندو جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب بجلي جي قيمت وڌڻ سان صارفين تي 85 ارب 20 ڪروڙ روپين جو اضافي بار پوندو.