ڪنڌڪوٽ محمداڻي پوليس پڪٽ ویجھو پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ مقابلو فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي گولیون لڳڻ ڪري ايس ايڇ او بي سيڪشن مولابخش بگٽي سخت زخمي ٿي پيو جڏھن ته ھڪ ڏوهاري بگي سبزوئي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جا به اطلاع آھن, پوليس نفري ڏوهارين جي پويان ويل ايس ايڇ او بي سيڪشن مولابخش بگٽي کي علاج لاء اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ٻئي طرف ٻن ڪلاڪن جي اندر ڪشمور پوليس گرفتار ڪيل ڏوهاري بگي سبزوئي کي ساڻ ڪري دراني مهر ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ سبزوئي گينگ خلاف آپريشن ڪيو ويو پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ مقابلو فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي ڏوهاري پنهنجي ساٿين کي ڇڏائڻ لاءِ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي م بگي سبزوئي گوليون لڳڻ سبب مارجي ويو ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پوليس گرفتار ڪيل ڏوهاري بگي سبزوئي جي نشاندگي تي سبزوئي گينگ جي ٺڪاڻن تي ويهي ڏوهارين پنهنجي ساٿين کي ڇڏائڻ لاءِ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي م پنھنجو ساٿين جي مارجي ويو هوڏانهن وارثن موجب ته اسان جي بگي سبزوئي سخت زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو ٻن ڪلاڪن جي اندر پوليس پاڻ ماري وري مقابلو ڄاڻائي ويو ته ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويو آهي اهو سراسر ڪوڙ تي مشتمل آهي