ڪشمور ضلعي جي چارج ڏوهارين حوالي ڪرمپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ اربيلو چولياڻي ۾ ھٿياربندن طرفان ڀتو نه ڏيڻ تان اڪبر چولياڻي جي گهر مٿان جديد* *هٿيارن سان انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻن معصوم ٻارڙن سميت هڪ مينهن زخمي ٿي پئي جڏهن ته گهر ۾ گوليون لڳڻ سبب بيٺل ٽريڪٽر به ريزا ريزا ٿي ويو
ڪرمپور گهر مالڪ اڪبر چولياڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ سال پهريان ٺل بي سيڪشن ٿاڻي جي حد م ڌاڙيل چوٽو بنگلاڻي پوليس کي ڌمڪيون ڏيندو هو جنهن ۾ مقابلي دوران چوٽو بنگلاڻي مارجي ويو جڏهن ته ٻه پوليس اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا هئا جنهن ۾ ضلعي جيڪب آباد جي لاتعداد پوليس واقعي واري هنڌ پڻ موجود هئي جنهن ۾ منهنجو سئوٽ جونگل چوڪي انچارج علي گل چولياڻي کي هٿياربند ڌمڪيون ڏيندا هئا ته اسان جو ماڻهو تون قتل ڪيو آهي اسان کي فوتي ڌاڙيل جو معاوضو ڀري ڏئي ورنہ تو سميت تنهنجي پوري خاندان کي گولين جو نشانو بڻايو ويندو جنهن ڪري هٿياربند گذريل رات ڪاه ڪري اسان مٿان جديد هٿيارن سان حملو ڪري ڏنو انهن وڌيڪ چيو ته اسين هٿياربندن جي ڌمڪين کان نٿا ڊڄون انشاء الله جلدي انهن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو
انهن وس وارن اعلي حڪام آء جي سنڌ ،ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي ڪشمور زبير نظير شيخ صاحب جن کان مطالبو ڪندي چيو ته رهزنن خلاف جلد قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو
