ڪراچي، ڪراچي جي علائقي ملير شمس سوسائٽي جي گهر مان هڪ ئي خاندان جي 4 عورتن، ٻارڙين جا لاش مليا آهن ڪراچي جي الفلاح ٿاڻي جي حد شمس سوسائٽي جي هڪ گهر اندر تشدد ڪري 2 ٻارڙين سميت 4 عورتن تي قتل ڪيو ويو جڏهن ته هڪ مرد کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي پوليس موجب مقتول خاندان هن علائقي ۾ پهرين منزل تي ڪرائي جي گهر ۾ رهندو هو. گهرمان 2 وڏين عورتن جڏهن ته ٻن ٻارڙين جا جا رت سان رڱيل لاش هٿ ڪيا ويا آهن جن کي تيز ڌار اوزار سان وار ڪري قتل ڪيو ويو آهي پوليس موجب واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. علائقي جي رهواسين کان پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ڀرپاسي ۾ لڳل ڪيمرائن جا فوٽيج به حاصل ڪيا ويندا
