غوثپوررات دير سان شھر ڀرسان غوثپور ٿاڻي جي حد مئن انڊس ھا۽ وي تي انڙ واھ واري علائقي ۾ اڻ ڄاتل ھٿياربندن طرفان گاڏين تي فائيرنگ ڪري

غوثپوررات دير سان شھر ڀرسان غوثپور ٿاڻي جي حد مئن انڊس ھا۽ وي تي انڙ واھ واري علائقي ۾ اڻ ڄاتل ھٿياربندن طرفان گاڏين تي فائيرنگ ڪري مبينه اغوا ڪيل لاڙڪاڻي واسي ضمير بروھي جي وارثن مئن انڊس ھا۽ وي تي سنڌ ڍورو شاخ ڀرسان ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو۔ ان موقعي تي مغوي جي وارثن غلام قادر۔ بلاول۔غلام شبير۔ محمد اسماعيل ۽ ٻين صحافين سان دانھيندي چيو ته اسان ڪشمور ضلعي اندر داخل ٿيون ٿا ته اسانجو ساھ پيٽ ۾ ناھي۔ ھتي ڏوھارين جو راڄ آھي۔ اسان پنھنجي محنت ڪري روزي روٽي ڪمائي پيٽ پاليون ٿا۔ اسانکي ڪو ھتي تحفظ حاصل ناھي۔ رات جو سفر ڪرڻ ڏکيو بڻجي ويو آھي۔ رات به ڏوھاري اسانجي ڀاڻيجي ضمير بروھي کي گاڏي تي فائيرنگ ڪري زبردستي لاھي اغوا ڪري آساني سان فرار ٿي ويا۔ سڏ پنڌ تي پوليس پڪٽ ھوندي به ڪجھ نه ڪري سگھي۔ ھنن ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيو ته ضمير بروھي کي ترت بازياب ڪرائي ڏنو وڃي نه ته مغوي جي بازيابي تائين ڌرڻو جاري رھندو۔ ٻئي پاسي ڌرڻي سبب پنجاب کان سنڌ ڏي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي ويئي ۽ سوين گاڏيون بيھجي ويون آھن ۽ عوام سخت مشڪلاتن جو شڪار ٿي ويا آھن