ڪنڌڪوٽ:تنگواڻي سرڪاري سرپرستي ۾ ڌاڙيل راڄ خلاف عوامي تحريڪ طرفان تنگواڻي بس اسٽاپ تي ڌرڻو هنيو ويو

ڪنڌڪوٽ: 18 ڏينهن اڳ بي دردي سان قتل ڪيل شهيد الله رکيو نندواڻي جي معصوم پٽ وقار احمد، ڀا۽ مٺل نندواڻي شرڪت ڪئي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ آصف کوسو، ضلعي صدر گل حسن ٻپڙ، نواز ٻپڙ ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي هٿ وٺي ڌاڙيلن جي حوالي ڪيو ويو آهي استادِ اللہ رکيو نندو جي قتل کي 19 ڏينهن گذري ويا آهن پر پوليس هڪ به قاتل گرفتار نه ڪيو آهي. ٻه ڏينهن اڳ غوث پور لڳ انڊس هاءِ وي بند ڪري ڌاڙيلن مسافرن تي سڌي فائرنگ ڪئي ۽ خيرپور واسي مسافر کي قتل ڪيو ويو، ڪيترائي ماڻهو زخمي ڪيا ويا، ڦر دوران قتلن جا اهڙا واقعا روز جو معمول بڻجي ويا آهن پيپلز پارٽي جا حڪمران اغوا انڊسٽري مان اربين روپيا ڪمائي رهيا آهن. تنهنڪري سنڌ سرڪار ڌاڙيل راڄ برقرار رکڻ چاهي ٿي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ڌاڙيلن جي سرپرست سردارن ۽ سرڪاري آفيسرن کي گرفتار ڪيو وڃي، ڌاڙيلن جو مڪمل صفايو ڪري سنڌ ۾ امان قائم ڪيو وڃي. معصوم پريا ڪماري سميت سمورن مغوين کي فورن بازياب ڪرايو وڃي.