سون جي اگهه ۾ معمولي گهٽتائي

سموري ملڪ اڄ سون جي قيمت ۾ معمولي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 900 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 40 هزار 200 رپين جو ٿي ويو آهي اهڙي ريت ڏهه گرام سون جي قيمت 772 رپيا گهٽتائي کانپوءِ 2 لک 5 هزار 932 رپيا آهي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس جو اگهه سون 5 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 2306 ڊالرز آهي.