ڪشمور لڳ نامعلوم هٿياربندن جو ڪشمور جي صحافي کان اغوا ڪرڻ جي ڪوشش مزاحمت ڪرڻ تي صحافي سخت زخمي اسپتال منتقل مير اصغر علي خان چاچڙ پاران چاچڙ برادري سان تعلق سوين برادري اسپتال پهچي ويا

تفصيل موجب ڪشمور لڳ آر ڊي 45 وٽ نامعلوم هٿياربندن جو ڳوٺ جاني خان چاچڙ واسي گهر ويندي ڪشمور جي صحافي ڄام اصغر علي چاچڙ کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي م گوليون لڳڻ سبب صحافي ڄام اصغر علي چاچڙ سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي ڪشمور اسپتال منتقل ڪيو ويو ڪشمور پوليس جوابدارن جي پويان ويل اطلاع تي ڪشمور ۽ ڀر پاسي جا صحافي خانگي اسپتال پهچي ويا جڏهن ته صحافي ڄام اصغر علي چاچڙ جي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان منتقل ڪيو ويو آهي ڪشمور پوليس صحافي ڄام اصغر علي چاچڙ تي حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي جنهن جي خلاف سڀاڻي 10 بجي پريس ڪلب ڪشمور آڏو احتجاج جو سڏ ڏجي ٿو ٻئي طرف چاچڙ برادري جي چڱي مڙس مير اصغر علي خان چاچڙ پاران چاچڙ برادري ساڻ ڪري ڪشمور پهچي ويا انشاء الله ڪير به ڏوهاري ملوث هوندو هن کي ڪڏهن به بخش نه ڪيو ويندو هن وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجي چاچڙ قوم جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻيون ٿا ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب جي صحافين پاران ڪشمور جي صحافي مٿان حملي ڪرڻ جي سخت لفظن جي مذمت ڪجي ٿي ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي کان فوري جوابدار گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي