تفصيل موجب بخشاپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ امداد جکراڻي جو رھواسي لڳ حاجي بقامحمدجکراڻي محبت علي جکراڻي جو 18 سالن جو نوجوان پٽ يارو عرف يارعلي. جکراڻي سوير سان پسٽل جي فائر ڪري زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو جڏهن ته واقعي جو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو ويو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي ڇڏيو نوجوان کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو ڊاڪٽرن پاران فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي پوسٽ مارٽم بعد وارثن کيسي مان مليل خط پنھنجي سئوٽ جي بدڪاري ڪم ڪرڻ کان ايھو. قدم کنيو آهي هوڏانهن بخشاپور پوليس موجب ته نوجوان جي پوليس مارٽم بعد خبر پوندي ته قتل يا خودڪشي رپورٽ جي اچڻ جو انتظار آهي نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي قعورام مچي ويو