وزيراعظم شهباز شريف اڄ سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿيندو

وزيراعظم شهباز شريف ٽن ڏينهن جي دوري تي اڄ سعودي عرب روانو ٿيندو وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي وفد سان گڏ ڪمرشل فلائيٽ مان سعودي عرب روانو ٿيندو. وزيراعظم شهباز شريف جو عهدو سنڀالڻ کان پوءِ اهو پهريون پرڏيهي ملڪ جو دورو آهي پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب وزيراعظم شهباز شريف 6 کان 8 اپريل تائين سعودي عرب ۾ قيام دوران وفد سان گڏ عمرو ادا ڪندو ۽ مسجد نبوي ۾ نماز ادا ڪندو. دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف جي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان بن عبدالعزيز سان به ملاقات جو امڪان آهي. وزيراعظم سعودي ولي عهد کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏيندو وزيراعظم جي وفد ۾ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب، دفاع وارو وزير خواجه محمد آصف ۽ ٻيون اعليٰ اختياريون شامل آهن. وزيراعظم ۽ ان جي وفد جا ميمبر دوري جا خرچ پنهنجي کيسي مان ادا ڪندا.