ججز کي اماڻيل خطن ۾ ڪهڙو مواد هو؟ فرانزڪ رپورٽ سامهون اچي وئي

ججز کي اماڻيل ڌمڪين وارن خطن ۾ ملندڙ مواد بابت رپورٽ سامهون اچي وئي آهي جاچ ذريعن موجب بيسلس انتهراسس زمين مان پيدا ٿيندڙ هڪ بيڪٽريا آهي، بيسلس انتهراسس عام طور تي جانورن ۾ ملندو آهي، فرانزڪ رپورٽ موجب خطن مان 70 ملي گرام آرسينڪ ملڻ جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جاچ ذريعن جو چوڻ آهي ته خطن سان ججز جي فيصلن تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ تحريڪ ناموس پاڪستان جو حوالو ڏئي عدالتي نظام کي تنقيد جو نشانو بنايو ويو. خطن ۾ ويلڪم ٽو بيسلس انتهراسس لکيو ويو. ويلڪم ٽو بيسلس انتهراسس جا لفظ ججز کي ڌمڪائڻ جي لاءِ استعمال ڪيا ويا آهن واقعي جو ڪيس سيڪيورٽي انچارج هاءِ ڪورٽ جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو. اسلام آباد ويندڙ جاچ ٽيم اهم شاهديون حاصل ڪري ورتيون آهن. تڪڙا خط اماڻيندڙن عناصرن جي نشاندهي ڪئي وڃي.