ڪنڊيارو: ڪنڊيارو ڀرسان درٻيلو شهر ۾ نوجوان عيد جا ڪپڙا نه وٺي ڏيڻ تان مبينا طور ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو جنهن جو لاش اسپتال منتقل ڪرڻ کان پوءِ ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو درٻيلو شهر جي 16 ورهين جي نوجوان عبدالرحمن سهاڳ والدين پاران عيد جا ڪپڙا ۽ ٻئي شاپنگ نه ڪرائڻ تان مبينا طور دڪان اندر ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو. فوتي نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته فوتي نوجوان جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو علائقي ۾ چوٻول آهن ته نوجوان عيد جا ڪپڙا نه وٺي ڏيڻ تان پنهنجي پيء سان ناراض ٿي اهڙو قدم کنيو آهي جڏهن ته واقعي بعد علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي