سکر پوليس مقابلو هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ اسلحي سوڌو گرفتار

سکر، سکر پوليس جو مبينا مقابلو هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ اسلحي سوڌو گرفتار ڪرڻ جي دعوا، پوليس ترجمان موجب ته آباد ٿاڻي جي حد کير ٿر ڪئنال ڀرسان ٽي موٽر سائيڪل سوار هٿيار بند ڦر جي ارادي سان بيٺا هئا جن گسٽ دوران پوليس موبائيل تي فائرنگ ڪئي، جڏهن ته پوليس پاران جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڏوهاري زخمي ٿي پيو جنهن کي ٽي ٽي پسٽل ۽ گولين جي ميگزين سميت سوگهو ڪري ورتو آهي، جڏهن ٻه هٿيار بند ڦرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، ايس ايس پي ترجمان موجب ته گرفتار ڪيل هٿيار بند ڏوهاري جي سڃاڻپ وقار جمالي طور ٿي آهي، جنهن کي طبي امداد لاء سول اسپتال ۾ داخل ڪيو آهي،

پنھنجي راءِ لکو