تحريڪ انصاف سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊن کي غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو

پاڪستان تحريڪ انصاف پي ٽي آءِ سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊن جو بائيڪاٽ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي سياسي ڪميٽي ۽ ڪور ڪميٽي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جي چونڊن کي غير آئيني قرار ڏيندي چونڊن کي عدالت ۾ چيلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي جي ذريعن موجب هائوس آف فيڊريشن اڻ مڪمل آهي ۽ خيبرپختونخواهه ۾ سينيٽرز جي چونڊن کان سواءِ سينيٽ چيئرمين جي چونڊ آئيني اسڪيم جي به خلاف آهي ڪميٽي موجب چيئرمين جي غير موجودگي ۾ سينيٽ غير فعال آهي ۽ سينيٽ چيئرمين کان سواءِ ايوان صرف ڊپارٽمينٽ جي حد تائين محدود ٿي ويو آهي. جمهوري دور ۾ پهريون ڀيرو سينيٽ غير فعال ٿيو آهي.