اسلام آباد، پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي سينيٽر اعظم نظير تارڙ کي ٻيهر قانون واري وزير جو قلمدان ڏنو ويو آهي جنهن کان پوءِ اياز صادق کان قانون جي وزير جون اضافي ذميواريون واپس ورتيون ويون آهن
ڪابينه ڊويزن طرفان اربع 30 نومبر تي اعظم نذير تارڙ بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف گذريل ڏينهن اڱاري 29 نومبر تي اعظم نذير تارڙ جي استعيفيٰ کي رد ڪندي کيس ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي هئي نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کان پوءِ اعظم نذير تارڙ اڄ 30 نومبر جي ڪابينه اجلاس ۾ بطور قانون واري وزير طور تي شرڪت ڪندو. اعظم نذير تارڙ گذريل مهيني 24 آڪٽوبر تي قانون واري وزير جي عهدي تان استعيفيٰ ڏنو هئو
