ٽنڊوباگو روڊ لڳ چانري اسٽاپ وٽ ٽريڪٽر ۽ شھزور گاڏي ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنهن سبب 45 ورهين جو محب علي ناهيون موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته فوتي جو لاش تعلقا اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي لاش قانوني ڪارروائي کانپو ۽ وارثن حوالي ڪيو ويو هوڏانهن ٽريڪٽر ڊرائيور ٽريڪٽر سميت فرار ٿي ويو، جڏهن ته فوتي محب علي ناهيون ٽنڊوباگو جو رهواسي هو جيڪو حيدرآباد کان پنهنجي شھر ٽنڊوباگو وڃي رهيو هو تلهار لڳ چانري اسٽاپ ويجهو ٽريڪٽر سان ٽڪر ٿي پيو.