ٺڪراٺو ويجھو ڳوٺ سرنوارو ۾ ٻني جي حدبندي تان مھر ۽ راڄڙ برادري وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو ھڪ ڄڻو نبي بخش راڄڙ ڏنڊا لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيو زخمي کي وارث مبارڪپور ٿاڻي تي کڻائي ويا جتان پوليس زخمي کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي تعلقا اسپتال پنوعاقل منتقل ڪري ڇڏيو راڄڙ ڌر جي ماڻھن زخمي نبي بخش راڄڙ ميانداد اسماعيل راڄڙ مھر برادري جي ماڻھن خلاف احتجاج ڪيو آھي احتجاج ڪندڙن چيو ته اسان پنھنجي زمين جو ٻنو ٺاھي رھيا ھئاسين ته غلام حسين مھر ۽ آدم مھر پنھنجن پٽن سان گڏجي اسان مٿان حملو ڪري ڏنڊا ھڻي ھڪ ڄڻي کي زخمي ڪيو احتجاج ڪندڙن ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته اڳرائي ڪري اسان مٿان حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي پاسي مبارڪپور پوليس رابطي تي ٻڌايو آھي ته ڌرين ۾ ٻني جي حدبندي تان جھيڙو ٿيو آھي زخمي کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي اسپتال منتقل ڪيو آھي وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون.