اسلام آباد، هاءِ ڪورٽ مٿان حملي جي ڪيس ۾ ملوث اسلام آباد جي وڪيلن عدالت کان غير مشروط معافي گهري ورتي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ هاءِ ڪورٽ مٿان حملي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس ميان گل حسن اونگرزيب ڪئي حملي واري ڪيس ۾ ان وقت نئون موڙ آيو جڏهن توهين عدالت ڪيس ۾ شامل اسلام آباد جي وڪيلن عدالت کان غير مشروط معافي گهري ورتي عدالت توهين عدالت ڪيس ۾ شامل وڪيلن کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان وڪيلن جو ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ پڙهيو آهي، اوهان مستقبل ۾ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ تي عمل ڪندو. آئنده هنن وڪيلن خلاف ڪابه اهڙي شڪايت آئي ته ڪارروائي بحال ٿي ويندي عدالت ريمارڪس ڏنا ته اوهان عدالت کان مستقبل ۾ سٺو رويو رکڻ جو يقين ڏياريو آهي ان حوالي سان عدالت لکت ۾ آرڊر پاس ڪندي. عدالت ريمارڪس ڏنا ته توهين عدالت ڪيس ۾ جيڪي وڪيل اڄ پيش ٿيا انهن کي آئنده پيش ٿيڻ جي ضرورت ناهي ۽ جيڪي پيش نه ٿيا آهن انهن کي نوٽيس جاري ڪيا ويندا.
