سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات، موسم خوشگوار ٿي ويو

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات کان پوءِ موسم خوشگوار ٿي ويو آهي. حيدرآباد، ڪراچي، لاڙڪاڻو، ٽنڊوآدم، شهدادپور، مٽياري، هالا ۽ ٻين شهرن ۾ برسات کان پوءِ ڪجهه علائقن ۾ روڊن تي پاڻي بيهجي ويو آهي. جڏهن ته بجلي جي اکٻوٽ جو سلسلو به جاري آهي.چيف ميٽرو لوجسٽ سردار سرفراز موجب مغربي سسٽم جي اثر هيٺ اڄ هلڪي برسات جو امڪان آهي، تيز هوائن سان به برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي سردار سرفراز ٻڌايو آهي ته برسات 15 اپريل جي صبح تائين وقفي وقفي سان جاري رهندي. برسات کان پوءِ گرمي پد ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي. اڄ وڌ کان وڌ گرمي پد 32 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي.چيف ميٽرولوجسٽ موجب مغربي هوائن جو ٻيو سلسلو 17 اپريل تي داخل ٿيندو. ٻئي سسٽم ۾ هوائون بلوچستان جي سامونڊي علائقن مان ڪراچي ۾ داخل ٿينديون. ٻئي اسپيل جي اثر هيٺ ڪراچي ۾ تيز برسات جو امڪان آهي.ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ برسات سبب شهري گهرن کان ٻاهر نڪري آيا. گلشن اقبال، محمد علي سوسائٽي، بهادر آباد، ڊفينس ويو ۽ لاڳاپيل علائقن ۾ هلڪي برسات پئي.