عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) سان نئين بيل آئوٽ پيڪيج کي حاصل ڪرڻ ۽ ڳالهين لاءِ ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب وفد سان گڏ واشنگٽن روانو ٿي ويو آهي.پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون ايندڙ هفتي ٿينديون ڳالهين ۾ پاڪستان نئين قرض پروگرام کي حاصل ڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف کي درخواست ڏيندو. جڏهن ته نئين قرض پروگرام لاءِ ڳالهيون آءِ ايم ايف جي ايگزيڪٽو بورڊ جي اجلاس کان پوءِ ٿينديون ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي واشنگٽن ۾ آءِ ايم ايف جي ايم ڊي سان ملاقات جو به امڪان آهي. جڏهن ته معاشي ٽيم جي ميمبرن آءِ ايم ايف ۽ عالمي بينڪ جي سالياني اجلاس ۾ به شرڪت ڪندا. ان کان علاوه معاشي ٽيم جي آءِ ايم ايف سان گڏوگڏ ورلڊ بينڪ ۽ ٻين ادارن جي اختيارين سان به ملاقاتن جو امڪان آهي. عالمي بينڪ داسو هائيڊرو پراجيڪٽ جي لاءِ پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر قرض ڏيندو.