تنگواڻي,ڀرسان ڳوٺ حضور بخش بجاراڻي ۾ زمين جي مالڪي تان هٿياربندن جي ڳوٺ تي چڙهائي فائرنگ ڪري ڏني ڳوٺ جي هارين مٿان سخت تشدد جنهن ۾ هڪ هاري قبول لاشاري جا هٿ پير ٻڌي ڪري مبينا طور اغوا ڪري ويا,اهڙي واقعي بعد متاثر عورت اشرف خاتون دانهون ڪندي چيوته منهنجي مڙس کي اغوا ڪري هٿياربند کنڀي کڻي ويا آهن اسان مسڪين هاري آهيون اسان جو ڪنهن به دشمني نه آهي اطلاع تي پوليس نه پهتي منهنجو مڙس هٿياربندن وٽ قيد آهي مون کي مڙس بازياب ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي
