ڪنڌڪوٽ پيپلزپارٽي جي 55 ھين يوم تاسيس جي تقريب مقامي ھال ۾ ٿي جنھن ۾ صوبائي وزير مير شبير علي خان بجاراڻي، ضلعي صدر مير گل محمد خان جکراڻي، مير الطاف احمد کوسو ۽ ٻين اڳواڻن ۽ ورڪرن يوم تاسيس تي پارٽي جو ڪيڪ ڪاٽيو تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير مير شبير علي خان بجاراڻي چيو ته شھيد ذوالفقار علي ڀٽو اڄوڪي ڏينهن 55 سال اڳ پارٽي جو بنياد رکي عوام کي ووٽ جو حق ڏياري اصل طاقت عوام آهي جي شروعات ڪئي اسان جي خاندان جو پيپلزپارٽي سان تمام ويجھو تعلق ۽ واسطو رھيو آهي مرحوم مير ھزار خان بجاراڻي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪابينا ۾ سڀ کان ننڍي عمر جو وزير ۽ ساٿي رھيو انھي پراڻي دؤر جون يادگيريون ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو بابا مرحوم مير ھزار خان بجاراڻي کي خط پڻ لکيا آهن ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ڪنڌڪوٽ جا جيالا شھيد راڻي بينظير ڀٽو سان گڏ سکر جيل گڏ رھيا ضلعي صدر مير گل محمد خان جکراڻي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي وڏي ۽ عوامي پارٽي صرف پيپلزپارٽي آهي جنهن سان 55 سالن کان عوام جو پيار، محبت آهي نيازي حڪومت ملڪ کي تباهه ڪيو ملڪي ترقي بلاول ڀٽو جي وزيراعظلم ٿيڻ سان آهي جنرل سيڪريٽري مير الطاف احمد کوسو چيو ته ورڪر پارٽي جو سرمايو آهن ضلع ڪنڌڪوٽ ڪشمور پارٽي جي ڪم ۾ سڀ کان پھريان آهي انھي جو سبب ورڪرن جي محنت آهي انھي موقعي تي شبانه ملڪ، ڊاڪٽر ميھر چند، غفران ملڪ مير صادق حسين گولاٽو، رضا مراد چاچڙ، آفتاب ڍال جکراڻي، ڏاڏو خان جکراڻي، عبدالرؤف بھلڪاڻي، مير اشرف بجاراڻي، حيدر علي ڏاھاڻي، زاھد حسين ميراڻي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو،
