ڪنڌڪوٽ ڊر ـ ڪنڌڪوٽ ۾ پريا ڪماري جي بازيابي لاء ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني خلاف جسم جو گهنٽاگهر کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو

خبر موجب جيئي سنڌ محاذ پاران سنگرار مان اغوا ٿيل هندو نياڻي پريا ڪماري ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف گهنٽا گهر چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو مظاهري دوران اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي گهايل سنڌي۔ سلطان نيدواڻي۔ ظفرسنڌي ـ ڪامران بنگوار، محبوب بهلڪاڻي ۽ ٻين چيو ته ٻه سال اڳ سنگرار کان معصوم نياڻي پريا ڪماري کي اغوا ٿي وئي آهي پرهن وقت تائين نياڻي بازياب نه ٿي سگهي آهي جڏهن ته ان جي امڙ جا هيڻاحال ٿي وياآهن ڇا اغوا ڪندڙ رياست کان زور آهن جو نياڻي کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي هنن چيو ته ڪنڌڪوٽ هن وقت بد امني جي باھ ۾ ٻري رهيو آهي روزاني اغوا ڦرون ٿي رهيون آهن عوام غيرمحفوظ بڻيل آهي اسين سنڌجي حڪمرانن کان مطالبوڪيون ٿاته پوري سنڌ ۽ ڪنڌڪوٽ جي عوام کي ڌاڙيلن کان آجوڪن جئين عوام سک جو ساھ کڻي سگهي