خبر موجب : صوبائي گهرو وزير سنڌ ۽ آء, جي سنڌ کي ضلعي ڪشمور, ڪنڌڪوٽ جي آمد جي موقعي تي ڏوهارين پاران سلامي ڪرمپور ڀرسان ڪرمپور ٿاڻي جي حد ڏياڻي مگسي لنڪ روڊ مير شير محمد خان بجاراڻي لاڙي وٽان ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار 5 نامعلوم ھٿياربندن گدرن جي مزدا کي اڳ ڏيئي ڪوٽ ليه واسي مزدا ڊرائيور محمد آصف مهاڻو کي ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري نامعلوم ھنڌ کڻي فرار ٿي ويا اطلاع تي حد جي ڪرمپور پوليس ايس, ايڇ, او غلام قادر جتوئي جي اڳواڻي ۾ واقعي واري ھنڌ پھچي ھٿيار بندن جي پيري پويان رواني وئي آهي, اغوا واقعي سبب علائقي ۾ خوف پکڙيل, اغوا واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو