سکر،انٽرنيشنل ڊولپمينٽ رليف فائونڊيشن (IDRF) پاران ٻوڏ متاثرن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ملڪ جي ٻين شهرن وانگر سکر ۾ به مختلف فلاحي سرگرميون جاري آهن، جنهن ۾ صاف پاڻي جي فراهمي (فلٽريشن) جي ورهاست جي تقريب سکر جي ارسلان بلو جي انتظامن هيٺ منعقد ڪئي وئي.تقريب ۾ برسات ۽ ٻوڏ متاثرن کي ڪولر) ورهايا ويا، تقريب ۾ آءِ ڊي آر ايف جي یاسر خان، عمر خيام، ارسلان بلو ۽ ٻين مهمانن ۽ متاثر عورتن شرڪت ڪئي. تقريب ۾مهمانن (فلٽريشن ڪولر) بابت آگاہی ڊني۽ عورتن جي وچ ۾ ۽ انهن کي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو. تقريب دوران انٽرنيشنل ڊولپمينٽ رليف فائونڊيشن ملڪي ڊائريڪٽر ياسر خان ۽ ٻين چيو ته آءِ ڊي آر ايف (ڪينيڊا) اين جي اوز عوام جي مدد ڪرڻ جي مشن تي يقين رکي ٿي ۽ مختلف فلاحي پروگرامن ذريعي پنهنجو مشن جاري رکي رهي آهي ۽ ٻوڏ ۽ برساتن کان متاثر ماڻهن کي صاف سٿروپاڻي۽ ٻيا سامان فراهم ڪري رهي آهي، انهن تقريب ۾ 900 کان وڌيڪ خاندان ڪي فلٽريشن ڪولر ۽ ٻيو سامان ورهايو پيو وڃي. ڇو ته صاف پاڻي زندگي لاءِ نعمت آهي ۽ مختلف بيمارين کان بچي سگهجي ٿو، جلد ٻيا فلاحي پروگرام شروع ڪيا ويندا.
