سيبس يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو يونيورسٽي آف صوفي ازم ڀٽ شاهه جي وائيس چانسلر جي اضافي چارج سنڀالي ورتي

ڄامشورو:( پ_ر) شهيد الله بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊيزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشوري جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو، يونيورسٽي آف صوفي ازم اينڊ ماڊرن سائنسز، ڀٽ شاهه جي وائيس چانسلر جي اضافي چارج سنڀالي ورتي آهي. هوءَ پنهنجي موجوده فرضن کان علاوه صوفي يونيورسٽي ۾ باقاعده وائيس چانسلر مقرر ٿيڻ تائين ان عهدي تي به ڪم ڪندي رهندي.کيس اضافي چارج سنڌ حڪومت جي يونيورسٽيز اينڊ بورڊز ڊپارٽمينٽ پاران جاري ڪيل هڪ نوٽيفيڪيشن نمبر SO(U)U&B/USMS/39-01/2024/406 تحت ڏني وئي.ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو کان اڳ، پروفيسر ڊاڪٽر پروين منشي ڄاڻايل يونيورسٽي جي وي سي جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ چئن سالن جو مدو پورو ڪيو.

  • /