ڪنڌڪوٽ جي ملهير واري علائقي مان ٻه ڏينهن اڳ ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿي ويل مغوي ڇھ سالن جو معصوم ٻار اياز پٺاڻ جي بازيابي لاءِ وارثن ملھير انڊس هاءِ وي وٽ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب سنڌ پنجاب سرحد بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ان موقعي تي معصوم ٻار جو والد چيو آهي ته ٻه ڏينهن گذري ويا آهن پر پوليس منهنجي پٽ معصوم اياز پٺاڻ کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، ھنن چيو ته جيسيتائين اياز پٺاڻ کي به نه ڪرايو ويندو تسيتائين روڊ بند رھندو، ھنن وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ، آء جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي بشير احمد بروهي کي اپيل ڪندي مطالبو ڪيون ٿا ته نينگر کي فوري طور تي بازياب ڪرايو وڃي