جماعت اسلامي ڪنڌڪوٽ پاران جماعت اسلامي سنڌ جي صوبائي اڳواڻ شھيد عبدالحفيظ بجاراڻي جي ياد ۾ تعزيتي ريفرنس پاڪييزه هال ڪنڌڪوٽ ۾ مقرر ڪيو ويو،جتي مختلف سياسي ۽ سماجي اڳواڻن شھيد عبدالحفيظ بجاراڻي جي زندگي ۽ ڪردار تي روشني وجهندي سندس سياسي ۽ سماجي خدمتن کي ساراهيو ۽ اهو اقرار ڪيو ته سندس ڪردار هميشه بي داغ رهيو آھي،ان موقعي تي جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير حافظ حافظ نصرالله چنا چيو ته شھيد عبدالحفيظ بجاراڻي جو اچانڪ وڇوڙو نه صرف تحريڪ اسلامي جو نقصان آھي بلڪه سندس وڇوڙي سان سنڌ جي سياسي باب ۾ هڪ خال پيدا ٿيو جنهن جو ڀرجڻ انتهائي مشڪل آھي،ان موقعي تي ،آغا عبدالفتاح پٺاڻ،رفيع الدين چنه ،ايڊووڪيٽ طالب حسين سبزوئي ايڊووڪيٽ عبدالصمد بجاراڻي ۽ سياسي سماجي رهنمائن پنهنجي تاثرات ۾ شھيد عبدالحفيظ بجاراڻي جي سياسي ۽ سماجي خدمتن کي ناقابل تسخير قرار ڏنو.ان موقعي تي شھيد عبدالحفيظ بجاراڻي جي فرزند انيس احمد بجاراڻي چيو ته شھيد بابا جي زندگي جو مقصد خدمت انسانيت ۽ نظام الاهي جي برتري هو جيڪا جدوجهد ۽ مشن ان شاءالله جاري رهندي ۽ مان تحريڪ اسلامي ۾ ڪارڪن طور سندس مشن جي تڪميل لاء پنهنجون توانايون وقف ڪنداسين