سکر آرائين روڊ لڳ پراڻي شاهپور ميمڻ پاڙو واسي پيرسن علينواز ڪوري زمين تي قبضو ڪرڻ خلاف احتجاج ڪندي دانهيو آهي

سکر آرائين روڊ لڳ پراڻي شاهپور ميمڻ پاڙو واسي پيرسن علينواز ڪوري زمين تي قبضو ڪرڻ خلاف احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته سکر ايئرپورٽ ڀرسان واقع منهنجي کاتيواري 18 گهنٽا زمين تي بااثر مجيد ملڪ قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، نئون سکر تعلقي جي روينيو رڪارڊ ديهه سعيد آباد تپو آرائين جي سروي نمبر 565/2 ۾ واقع ٻه ويسا گهٽ هڪ جريب ايراضي جو منهنجي نالي تي چڙهيل کاتو ۽ ٻيا سمورا سرڪاري دستاويز توڙي ضروري ڪاغذ پٽ مون وٽ محفوظ آهن، پر تنهن باوجود ريلوي ڪوارٽر گرم گودي واسي ڄاڻايل بااثر ۽ ان جا ٽي پٽ ساٿي سچل نائچ گڏجي زبردستي قابض ٿيڻ چاهين ٿا، بااثر مجيد ملڪ چار سال اڳ زمين جو سودو ڪرائڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ هن هڪ اڇي ڪاغذ تي آڱوٺا لڳرائي زمين جي وڪري جو سودو ڪرايو، پر هن وقت تائين مونکي زمين جو سودو ٿيڻ واري رقم ناهي ملي، جنهن ڪري مون اسٽامپ پيپر معاهدي تحت زمين جو قبضو خريدار کي ناهي ڏنو، جنهن تان ڄاڻايل بااثر مڇرجي پيو آهي، هاڻي هو زمين بابت مالڪي جو دعويدار بڻجي مون کي ڪڻڪ، ساريون توڙي ٻيو فصل پوکڻ نه ٿو ڏئي، جڏهن ته زمين تان هٿ نه کڻڻ جي صورت ۾ نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون ڏئي حراسان ڪري رهيو آهي، جن جي ڊپ ۽ خوف سبب آئون مزدوري ڪندڙ پٽن سميت پريشان آهيان، بااثر جي آزار کان تنگ اچي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار نئون سکر تعلقو ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري عملدارن کي لکت ۾ شڪايت پڻ ڪئي آهي، پر پوءِ به ڪا داد رسي ناهي ڪئي وئي، جنهن ڪري مايوسي جي حالت ۾ تڪليف واري زندگي گھارڻ تي مجبور آهيان، هن ڪمشنر سکر ڊويزن، ڊي آءِ جي سکر، ڊي سي ۽ ايس ايس پي سکر سميت ٻين وس وارن کي بااثر ۽ ان جي پٽن ۽ سندن ساٿي خلاف ڪارروائي ڪري ئتحفظ ڏئي انصاف افراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.