ڪنڌڪوٽ لڳ ملير، ڳوٺ جھان خان بنگوار ۾ ارڙي سبب 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا جن جي عمر تقريبن 5 کان 6 سال هئي

ڪنڌڪوٽ لڳ ملير، ڳوٺ جھان خان بنگوار ۾ ارڙي سبب 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا جن جي عمر تقريبن 5 کان 6 سال هئي، عيد گذرڻ بعد ماڻھن جي گھرن مان گلاب جا گل ننڊڙا معصوم ٻار فوت ٿيڻ لڳا جن جي فوت ٿيڻ جو سبب ( ارڙي ) جي بيماري آھي، سڄي ڳوٺ توڙي تر ۾ ارڙي جي بيماري ڦهلجي چڪي آھي ارڙي جي بيماري سبب فوت ٿي ويل ٻار.
1- سنا ولد پرويز احمد ڀيو 2- آصفہ ولد عبدالحميد ڀيو 3- رضا محمد ولد برڪت علي ڀيو فوت ٿي ويا آھن ڳوٺاڻن پاران مطالبوڪيو ته ارڙي جا ٽيڪا هڻندڙ ٽيم اسان ڏانهن اچي به ڪونه ٿي ڳوٺاڻن ضلعي انتظاميا کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو