سکر ، پاڪستان پيپلز پارٽي جي 55 يوم تاسيس جي موقعي تي ايم پي اي سيد اويس قادر شاه جي ميزباني هيٺ شاندار تقريب

سکر ، پاڪستان پيپلز پارٽي جي 55 يوم تاسيس جي موقعي تي ايم پي اي سيد اويس قادر شاه جي ميزباني هيٺ شاندار تقريب ڪوٺائي وئي تقريب ۾ سيد اويس قادر شاه ، سيد ڪميل حيدر شاه ، ارسلان اسلام شيخ ، ڊاڪٽر ارشد مغل ، نبي بخش جسڪاڻي سميت ٻين شرڪت ڪئي تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته شھيد ذوالفقار علي ڀٽو هن ملڪ کي ايٽمي طاقت ٺاهيو هن ملڪ لاء به ليبيا ۽ عراق جهڙي پاليسي جوڙي وئي هئي اسان ۽ اوهان جي قائد ان کي ناڪام بڻايو عمران خان ذوالفقار علي ڀٽو ٿيڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي پ پ پنهنجي وقت ۾ نوجوانن کي روزگار ڏنو هنن چيو ته عمران خان چئن سالن جي دور ۾ ڪا هڪ به نوڪري نه ڏني عمران خان هڪ ڏينهن هڪ ڄنگهه ته ٻي ڏينهن ٻي ڄنگهه ۾ پلاسٽر ٻڌي عوام کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي هنن چيو ته 30 نومبر اسان لاء تمام گهڻي اهميت جوڳي تاريخ آھي هن ملڪ ۾ پهريان فيصلا مڙھيا ويندا هئا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ان کي ٿڏي ڇڏيو پ پ عوامي نمائندگي جي پارٽي آھي هيء پارٽي پنهنجي تاريخ ۽ حيثيت رکي ٿي هنن چيو ته ظالمن اسان جي قائدين کي هن ڌرتي تي برداشت نه ڪيو اسان جي ڪارنامن جي هڪ تاريخ آهي 1973 جو آئين ان ڪارنامن ۾ پهريون آھي هن جماعت جي قيادت عوام جي حڪمراني کي ترجيح ڏني اسان جي پارٽي جي تاريخ قربانين سان ڀريل آهي 1970 کان 2018 تائين ڪاميابي حاصل ڪئي آھي پ پ پنهنجي ورڪرن ۽ جيالن کي شعور ڏنو هنن چيو ته سنڌ جي ڌرتي جي هڪ وڏي تاريخ آهي جنهن بري نظر وڌي ۽ قبضي جي ڪوشش ڪئي اهو ناڪام ٿيو نيازي سنڌ ۾ اچڻ جي دعوي ڪئي آهي پر اهو داخل ٿي ڏيکاري عمران خان سلطان راهي جي فلمن واري ڪردار کان به اڳتي نڪري ويو هن جيڪا ڳالهه ڪئي آهي صرف اڌ ڪلاڪ لاء ڪئي آهي هنن چيو ته نيازي کي سمجهه ۾ ناهي ايندو ته هو ڇا پيو چوي بلاول ڀٽو زرداري جي پرڏيهي وزير ٿيڻ کان اڳ ڪو ملڪ اسان سان ڳالهائڻ لاء تيار نه هيو ايف اي ٽي ايف مان ملڪ کي بلاول ڀٽو ڪڍيو ملڪ جو عوام ڏکي حالتن سبب روڊن تي هيو ۽ هي جهمريون پيا پائن هي نيازي پاڻ ئي ملڪ لاء ناسور آهي اسان جيالن تي هي شهيدن جو قرض آھي ته اسان پنهنجي ماڻھن جو ذهن فريش ڪيون تقريب جي آخر ۾ 55 يوم تاسيس جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو تقريب ۾ پ پ جي ذيلي تنظيمن جي اڳواڻن مرد توڙي عورت جيالن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

پنھنجي راءِ لکو