ڪنڌڪوٽ ضلعي اندر اغوا ۽ بازيابي جو ڪاروبار عروج تي پهتل

ڪنڌڪوٽ ٽي ڄڻا بازياب ته 4 ڄڻا اغوا ٿي ويا ڪنڌڪوٽ تنگواڻي ويجهو ڌاڙيلن هٿان رڪشه ڊرائيور رشيد جعفري ۽ انيس رحمن بروهي اغوا ڪري ويا ڪجھ پنڌ تي عبدالرشيد جعفري کي ڇڏي انيس رحمان بروهي کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا ڪنڌڪوٽ ضلعي اندر اغوا جي ڪسين ۾ اضافي تي شهرين ۾ خوف ماحول ڇانيل
ڪنڌڪوٽ ڌاڙيلن جي خوف کان شهري پنهجي ڪاروبار تي ڊڄي ڊڄي وڃڻ لڳا ڪنڌڪوٽ ضلعي اندر اغوا ڪارن جي خوف کان شهرين پنهجي اسڪول ويندڙ ٻارن کي به گهرن ۾ ويهاري ڇڏيو ڪنڌڪوٽ اغوا ڪارن جي ڀئو کان اسڪول ويندڙ ٻارن جي تعليم به متاثر ٿيڻ لڳي ڪنڌڪوٽ هر طرف چورن ۽ اغوا ڪارن جون موجون ئي موجون چور ۽ ڌاڙيل با اثاني شهر اندر گهڙي شهرين جون موٽرسائيڪلون ۽ شهرين کي اغوا ڪرڻ لڳا گذريل 12 ڪلاڪن اندر ڪچي جي ڌاڙيلن پاران 4 ماڻهن کي اغوا ڪري ڪچي جي طرف فرار ٿي ويا پوليس انهن اڳيان بي وسي جي تصوير بڻيل ضلعي اندر اگر ايهو حال رهيو ته شهري شهر کي الوادع چئي ٻين شهر ڏانهن رخ ڪندا ياد رهي ته ضلعي جي مختلف هنڌن مان اغوا ٿي ويل ڪچي ڌاڙيلن جي قيد ۾ مغوين جو تعداد 23 ٿي ويو جنهن کي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام آهي
ڪنڌڪوٽ مغوين جي عدم بازيابي تي وارثن جي گھرن ۾ سوگ جو ماحول پڻ ڇانيل آهي