سکر: اين پي سي نيوز/سکر نيشنل پريس ڪلب پاران سول سوسائٽي جي تعاون سان سنڌي ثقافت جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي چار ڊسمبر تي ورلڊ گلوب چوڪ تي سنڌ ميلا لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ سکر نيشنل پريس ڪلب ۾ پريس ڪلب ۽ سول سوسائٽي جي ميمبرن جو گڏيل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سکر سمال ٽريڊرس جي صدر حاجي جاويد ميمڻ، رواداري تحريڪ جي اڳواڻ ديدار ميراڻي، سنڌ ملاح فورم سکر جي ڊيزنل صدر شير محمد ميراڻي، جنرل سيڪريٽري دلبر ميراڻي، جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ مصطفيٰ ڦلپوٽو، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻن عيدن جاگيراڻي، ديدار چانڊيو، حسيب جوڻيجو، آل سنڌ سنگيتڪار ايسوسي ايشن سکر ڊويزن جي صدر نديم سرمد، نوازليگ اڳواڻ علي شير مهر، هيومن رائيٽس يونٽي فائونڊيشن جي مرڪزي چيئرمين ايڊووڪيٽ الاهي بخش ميتلو، سماجي تنظيم پي ايڇ آر اي جي اڳواڻ ثمرين، آر ڊي او اڳواڻ منور گِل، عمران سومرو، سيف الله چنو، سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جي پارٽي اڳواڻن نومي سنڌي، بابر مستوئي، ڪامن ويلفيئر ايسوسيئشن اڳواڻ آغا طاھر مغل، نوجوان اتحاد جي اڳواڻ ڪامريڊ نعيم بلوچ، پاڪستان پيپلزپارٽي سپاف سٽي سکر جي صدر عامر نوناري، جنرل سيڪريٽري ملڪ اسد، پاڪستان پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو اڳواڻ ياسين جتوئي، آل پاڪستان سومرا ايسوسي ايشن سکر جي جنرل سيڪريٽري محمد اسماعيل سومرو، گھنڃا اتحاد ايسوسيئيشن سکر سٽي جي صدر ضمير گهنڃو، سماج سڌارڪ نثار وسیر، ايڊووڪيٽ ضمير جعفري، جوڳي جاگو اتحاد جي اڳواڻن دلبر جوگي، علي شير حيدري ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي گڏيل فيصلو ڪيو ويو آهي ته سنڌ ميلي ۾ ورلڊ گلوب چوڪ تي هڪ وڏي اسٽيج سجائي ويندي، جنهن تي سنڌ جي صوفي، قومي ۽ ڪلاسيڪل راڳي فن جو مظاهرو ڪندا، ان سان گڏوگڏ سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب کي فروغ ڏيڻ لاءِ ٽيبلوز پيش ڪيا ويندا، تقريب کي مختلف سياسي، سماجي، سول سوسائٽي ۽ واپاري تنظيمن سان واسطو رکندڙ شخصيتون سنڌي ثقافت جي حوالي سان تقريرون ڪندا، نامور تعليمدان استاد غلام حسين مڱڻهار ۽ زبير مهر به خطاب ڪندا، سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ عورتن جي ڪردار بابت ڊاڪٽر عائشہ حسن ڌاريجو، ايڊووڪيٽ فرزانه کوسو، ثمرين، عذرا جمال ۽ ٻيون عورتون خطاب ڪنديون، تقريب ۾ نامور اردو ۽ سنڌيءَ شاعر پنهنجي شاعري ذريعي سنڌ جو پيغام ڏيندا، ان موقعي تي جوگي فنڪار ڳيڙو ويس اوڍي مرلي جي ڌن تي نانگن کي نچائيندا، ان موقعي تي سنڌي ثقافت ۽ ديسي کاڌن جا اسٽال پڻ لڳايا ويندا، هن رنگا رنگي تقريب جو آغاز 3 ۽ 4 ڊسمبر جي رات 9 وڳي صوفياڻي محفل ۽ آتشبازي سان آغاز ڪيو ويندو، جڏهن ته چار ڊسمبر تي صبح جو ڏهين وڳي قومي پرچم ڦڙڪائي سنڌ ميلا جي مرڪزي تقريب جو افتتاح ڪيو ويندو، ان موقعي تي سنڌو درياءَ جي سير ۽ تفريحي لاءِ ٻيڙين جو بندوبست به ڪيو ويو آهي، سنڌ ميلو چار ڊسمبر جي رات هڪ وڳي تائين جاري رهندو، ميلي جو اختتام مچ ڪچهري ۽ سگهڙ ڪچهري سان ڪيو ويندو، ان موقعي تي سکر نيشنل پريس ڪلب جي صدر ساحل جوڳي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ميلي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، ان حوالي سان سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن ۽ عورتن لاءِ پڻ پردي جو بندوبست ڪيو ويو آهي.
