ڪنڌڪوٽ کان تنگواڻي ويل ٽي ڄڻا ڪراڙو ملڪ لياقت علي شيخ ۽ محبوب ملڪ هٿياربندن جي هٿان اغوا ٿي ويا

ڪنڌڪوٽ مان عيد ڏهاڙي گم ٿيل ٽن ڄڻن جي اغوا جي تصديق ٿي وئي
ڪنڌڪوٽ جي رھواسين محبوب علي ملڪ، لياقت علي شيخ ڪراڙو ملڪ عيد کان وٺي گم ٿيل آهن جنهن جون موبائيلون بند آهن جنهن جي تصديق ٿي آهي ته ٽن ڄڻن کي غوثپُور کان اغوا ڪيو ويو آهي، ڌاڙيلن پاران وارثن کي 59 لک ڀنگ ڪري رھيا آھن رابطو ڪرڻ تي وارثن جو چوڻ آهي ته عيد جي ڏينهن تي ڪنڌڪوٽ کان تنگواڻي ويل ٽي ڄڻا ويا آهن جنهن جو موبائيل نمبر به بند پيل آهن اسان کي شڪ هو پر هاڻي تصديق ٿي وئي آهي ۽ ڌاڙيلن جي فون آئي آهي ڀنگ گهري رهيا آهن اسان مسڪين آهيون هن وڌيڪ چيو ته اسان کي فون ڪري چيو آهي ته ڀنگ نه ڏيڻ جي صورت ۾ لاش پارسل ڪري موڪليو ويندو اسان آئي جي سنڌ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي کان مطالبو ٿا ڪيون ته فوري نوٽيس وٺي مغوين کي بازياب ڪرائي ڏنو وڃي جڏهن ته وارثن ۾ روڄ راڙو مچي ويو