ڏهرڪي: اسڪول ويندڙ 8 ڪلاس جي شاگردياڻيءَ سان جنسي زيادتيءَ جي ڪوشش، ڪيس داخل

 ڏهرڪي جي امير بخش محله جي رهواسي 8 ڪلاس جي شاگرد نينگري اقرا سومرو ۽ سندس والدين موجب ته نينگري اسڪول وڃي رهي هي ته جوابدار پڪڙي گهر ۾ کڻي ويو ۽ زوري زبردستي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ررڙين تي سندس پاڙي وارا پهتا ته جوابدار فرار ٿي ويو، مبينا زبردستي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار  شاهزيب سولنگي سندن ئي پاڙي ۾ رهندڙ آهي. هوڏانهن نينگريءَ جي والد جي فرياد تي جوابدار خلاف اين سي داخل ڪئي وئي آهي.