محمود ملاح قتل ڪيس، ضمانت رد ٿيڻ تي 2 جوابدار گرفتار

 نينگر محمود ملاح قتل ڪيس ۾ عبوري ضمانت حاصل ڪندڙ جوابدارن حسن مگسي ۽ حسين مگسي جي عدالت ضمانت رد ڪري ڇڏي.عدالت مان ضمانت رد ٿيڻ بعد قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي پوليس پروٽوڪول ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي نينگر جي وارثن ۽ ملاح برادري جي ماڻهن سخت ردعمل ڏيندي پوليس اهلڪارن کي ڇنڊ پٽي آهي، اسين ڪورٽن تي اعتماد رکون ٿا انشاء الله جوابدارن کي سزا ڏيارينداسين.