جمعي تي اسٽاڪ ايڪسچينج جي انڊيڪس ڪاروبار جي پڄاڻي تاريخ جي بلند ترين سطح تي ڪئي. 100 انڊيڪس 619 پوائنٽون واڌ سان 70909 تي بند ٿيو، ڪاروباري ڏينهن ۾ انڊيڪس 782 پوائنٽن جي بينڊ ۾ رهيو، 100 انڊيڪس جي اڄ بلند ترين سطح 70968 رهي.بازار ۾ اڄ ساڍا 47 ڪروڙ شيئرز جا سودا ٿيا، شيئرز بازار جي ڪاروبار جي ماليت سوا 23 ارب رپيا رهي.ان کانسواءِ مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 46 ارب رپيا وڌي 9833 ارب رپيا آهي.