ڪشمور ۾ ڏوهاري سرگرم ٿي ويا ڏوهارين طارق دم دما پوليس پڪٽ ڀر سان حملو ڪري ملڪ برادري جو ٽريڪٽر ڦر ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ته ڊرائيور جي مزاحمت ڪرڻ تي ڏوهارين سڌيون گوليون هنيون جنھن سبب اتي ويجھي ڳوٺ ۾ وڃي ڳوٺاڻن جي گهرن ۾ لڳيون گوليون لڳڻ سبب ملڪ برادري جي هڪ ڳورھاري عورت سخت زخمي ٿي پئي جنھن کي وارث ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪشمور سول اسپتال کڻائي آيا جٿي ڊاڪٽرن پاران کين ڪشمور مان رحيم يار خان ڏانهن روانو ڪيو ويو ٻئي پاسي واقعي بعد علائقي ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن ڏوهاري باآساني فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا