پاڪستان جي ميزائل پروگرام ۾ مدد جو الزام: چين ۽ بيلاروس جي 4 ڪمپنين تي آمريڪا پابندي لڳائي ڇڏي

آمريڪا پاڪستان جي ميزائل پروگرام جي لاءِ سامان ڏيڻ جي الزام هيٺ 4 ڪمپنين تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.پاڪستان جي بيلسٽڪ ميزائل پروگرام جي لاءِ سامان ڏيڻ جي الزام هيٺ 3 چيني ۽ هڪ بيلاروس جي ڪمپني تي آمريڪا پابنديون لڳائي ڇڏيون آهن.آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ميٿيو ملز طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته 3 چيني ۽ هڪ بيلاروس ڪمپني پاڪستان کي ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ ميزائلن سميت بيلسٽڪ ميزائل ٺاهڻ ۾ مدد ڪئي آهي.ترجمان موجب اهڙين ڪمپنين وڏي پيماني تي تباهي پکيڙيندڙ هٿيارن جي پکيڙ يا ان جي ورهاست لاءِ پاڪستان کي  مواد ڏيڻ ۾ تعاون ڪيو آهي جنهن سان پاڪستان کي ايٽمي هٿيارن جي تياري، حاصل ڪرڻ ۽ چرپر جي ڪوششن ۾ مدد ملي. اهڙين ڪمپنين پاڪستان کي ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ ميزائل پروگرام سميت ان جي بيلسٽڪ ميزائل جي تياري ۾ مدد ڪندڙ شيون فراهم ڪيون آهن.بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آمريڪا پنهنجن ٻين ڀائيوارن سان گڏ وڏي پيماني تي تباهي پکيڙيندڙ هٿيارن جي پکيڙ جي نيٽ ورڪس کي روڪڻ جو نظام مضبوط بنائڻ جي لاءِ پرعزم آهي.ياد رهي ته ان کان اڳ به آڪٽوبر 2023 ۾ آمريڪا پاڪستان کي بيلسٽڪ ميزائل پروگرام جي پرزن ۽ ٻيو سامان ڏيڻ جي الزام هيٺ چين جي 3 ڪمپنين تي پابنديون لڳايون هيون.