خانپور ڀرسان ڪلھوڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران فائرنگ سبب رحيم بخش ڪلھوڙو قتل ٿي ويو، قتل ٿي ويل جو لاش خانپور اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽر نه ھجڻ سبب لاش کي شڪارپور اسپتال منتقل ڪيو ويو. جتي ٻيهر لاش کي خانپور منتقل ڪيو ويو. جتي 3 ڪلاڪن کانپوءِ مقتول جي لاش جو پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ان موقعي تي مقتول جي وارثن چيو ته جوابدار پيرل ڪلھوڙو جي ڌر اسان جي نوجوان رحيم بخش کي زمين کان ايندي فائر ڪري قتل ڪيو آھي، جڏهن ته ڊاڪٽرن پوسٽ مارٽم لاء ڪيترن ڪلاڪن کان ريفر جي راند ڪري اسان کي وڌيڪ پريشان ڪيو.پوليس اهڙي واقعي کان پوءِ جوابدار ڌر جي گھرن تي چڙھائي ڪئي پر جوابدار ڌر گھر خالي ڪري فرار ٿي وئي، پوليس شڪ جي آڌار تي ڪجهه ماڻهن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته خانپور ڀرسان فيضو ٿاڻي جي حد حاجي خان ڪلھوڙو ۾ ڪلھوڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ رڪشا ڦر ۽ ڊرائيور جي ملوث واري تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو جنهن دوران جوابدار پيرل جي ڌر ٻي ڌر جي رحيم بخش ڪلھوڙو کي زمين تان واپس ايندي فائرنگ ڪري قتل ڪري فرار ٿي ويا اھڙي اطلاع بعد مقتول جا وارث واقعي واري ھنڌ پھچي ويا جنھن حد جي پوليس کي اطلاع ڏنو پوليس واقعي واري هنڌ پھچي لاش وارثن سان گڏجي خانپور منتقل ڪيو جتي پي پي ايچ آئي جي ڊاڪٽر ليٽر ڏئي شڪارپور اماڻي ڇڏيو شڪارپور اسپتال لاش پوسٽ مارٽم کان انڪار ڪندي خانپور مان ضروري قانوني ڪاروائي لاء چيو ڪيترن ڪلاڪن بعد وارثن ھڪ دفعو ٻيھر مقتول جو مڙھ خانپور منتقل ڪيو 3 ڪلاڪن بعد لاش ضروري ڪاروائي ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ان موقعي تي سندس جي وارثن جو چوڻ ھو ته اسان جو نوجوان رڪشو ھلائيندو ھو پيرل جي ڌر ڊرامو رچائي اسان جو رڪشو ڦر ڪرايو جنھن پاڻ اھڙي قسم جو اعتراف پڻ ڪيو جنھن جو ڪيس پڻ داخل ٿيل ھو اڄ پيرل جي ڌر ناحق ڪري اسان جي نوجوان رحيم بخش ڪلھوڙو کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري فرار ٿي ويا آھن. ھنن ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور کان مک جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ۽ ٻي پاسي ڊاڪٽرن پاران لاڳيتو پريشان ڪرڻ واري عمل خلاف صحت کاتي جي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ۽ لاڳاپيل عملدارن کان ڪاروائي جو مطالبو ڪيو آھي نوجوان جو مڙھ ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو مقتول جو مڙھ گھر پھچڻ تي سندن جي گھر ڀاتين ۾ ڪھرام مچي ويو.