ڪراچي واقعو: دهشتگردن سان مقابلو ڪندي شهيد ٿيل سيڪيورٽي گارڊ جي جنازي نماز ادا، مٽيءَ ماءُ حوالي

 ڪراچي واقعي ۾ دهشتگردن سان مقابلو ڪندي شهيد ٿيل سيڪيورٽي گارڊ نور محمد عرف صابر مري جي جنازي نماز سندس اباڻي ڳوٺ غيبي مري ۾ ادا ڪئي وئي جنهن کان پوءِ کيس سوين آلين اکين سان کيس مقامي قبرستان ۾ مٽي ماءَ حوالي ڪيو ويو. شهيد ٿيل سيڪيورٽي گارڊ جي جنازي نماز ۾ ڊي آئي جي شھيد بينظير آباد پرويز چانڊيو، ايس ايس پي سانگهڙ اعجاز احمد شيخ، ضلعي جي ٻين پوليس عملدارن سميت تر جي سياسي سماجي شخصيتن سان گڏ سوين علائقي واسين شرڪت ڪئي.شهيد سيڪيورٽي گارڊ نور محمد عرف صابر مري ڪراچي جي پرائيويٽ حارث سيڪيورٽي ڪمپني ۾ گذريل ڏيڍ سالن کان ملازم هو ۽ کيس جاپانين جي پرائيويٽ سيڪيورٽي ٽيم ۾ مقرر ڪيو ويو هو جيڪو مانسهره ڪالوني ڀرسان دهشتگردن جي حملي ۾ مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب شهيد ٿي ويو هو.