پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٻيون ٽي ٽوئنٽي ميچ اڄ کيڏيو ويندو

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٻيون ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل اڄ راولپنڊي ۾ کيڏيو ويندو،  جنهن دوران برسات جا 40 سيڪڙو امڪان موجود آهن.اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ برسات سبب نيوزيلينيڊ جي ٽيم جو آپشنل ٽريننگ سيشن ملتوي ڪيو ويو هو، رانديگر هوٽل  ۾ ٽيليويزن تي هليل ميچ ڏسي مزو ماڻيندا رهيا. پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز جو مزو برسات خراب ڪري ڇڏيو، برسات جي ڪري ميچ ۾ صرف 2 بال ئي ٿي سگهيا جنهن کان پوءِ برسات سبب نيوزيلينڊ جي ٽيم جو آپشنل ٽريننگ سيشن به ملتوي ڪرڻو پيو. جنهن جي ڪري پاڪستاني رانديگرن به آرام ڪيو. امڪان آهي ته ٻئي ميچ ۾ به پاڪستاني ٽيم بنا ڪنهن تبديلي جي ميدان ۾ لاٿو ويو.